درگاهه شيخ هوٿي لاکو

درگاهه شيخ هوٿي لاکو (ماڳ): هيءَ درگاهه سنڌو درياهه جي قديم وهڪري ساڱري ڍوري جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ مورياڻي (هوٿي مشائخ)، ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ واقع آهي. شيخ هوٿي سمن جي دؤر جو وڏو عالم، مشائخ ۽ ’دشت باران‘ علائقي ۾ اثر رسوخ ۽ اعليٰ مرتبي وارو روحاني بزرگ ڪري مڃيو ويندو هو. شيخ هوٿي لاکي جي وفات 811هه/ 1408ع ۾ ٿي. (وڌيڪ ڏسندا: شيخ هوٿي لاکو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، ايندڙ جلد) شيخ هوٿيءَ ۽ سندس پٽن جي مزارن تي سنڌ جي نامور سمي حاڪم ڄام نظام الدين مقبرا ٺهرايا هئا. ڄام نظام الدين جي شيخ هوٿي ۽ سندس پٽن شيخ احمد ۽ شيخ محمد سان عقيدتمندي هئي.
شيخ هوٿيءَ جي مزار تي هيٺيون تاريخي ڪتبو لڳل آهي:
تاريخ وفات قدوة السالڪين زبدة العارفين شيخ المشائخ شيخ هوٿي السهروردي البهائي اين مظهر آثار خير و احسان مطمع انوار علم و عرفان مقبول بارگاهه صمد در محمد عليهما الرحمة، بتاريخ چها رم رجب روز يڪشنبه سن 811 هشت صد و ياز دهم هجري رحلت نمود“.
[شيخ المشائخ شيخ هوٿي سهروردي رح تاريخ 4 رجب، جمعي جي ڏينهن سن 811ع ۾ رحلت ڪئي.]
شيخ هوٿيءَ جي درگاهه تي ڄام نظام الدين سمي جي ٺهرايل مقبري جي ٻاهرئين دروازي جي مهاڙيءَ تي هيٺيون ڪتبو تحرير ٿيل آهي:
”روضھ منور شيخ المشائخ هوٿي السهروردي المتوفي سن 811 هشت صد ياز دهم هجري موسس نخستين وباني اولي اين قبھ معظم ڄام نظام الدين المشهور به جام ننده سمھ والي خطه سند است والحال بعوند تعالى بڪرة اربع سن 1320 هجري بسعي واهتمام ميان فتح محمد و ميان ڪريم الله درس مشائخ پوته معمد و مُزين گر ديد، معمار بلاول خداآبادي و خير محمد ڪاشيگر نصرپور“.
هن ڪتبي جي عبارت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڄام نظام الدين سمي وارو تعمير ڪرايل مقبرو زماني گذرندي ڪمزور ٿي ويو، جنهن جي ساڳين بنيادن تي سن 1320هه/ 1902ع ۾ ٻيهر مقبرو تعمير ڪرايو ويو. ان تي اهو ساڳيو ئي ڄام نظام الدين سمي وارو ڪتبو حرف بحرف تحرير ڪيو ويو ۽ تعمير ڪرائيندڙن جا نالا، ميان فتح محمد ۽ ميان ڪريم الله درس پڻ لکيا ويا. انهيءَ ڪتبي مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته خداآبادي رازي بلاول تعمير جو ڪم ڪيو ۽ ڪاشيءَ وارو ڪتبو نصرپور جي ماهر ڪاشيگر خير محمد تعمير ڪيو.
هتي ميان ڪريم الله درس جو ذڪر ٿيو آهي، ’درس‘ اصل ۾ ڪا ذات نه آهي، ’درس‘ جو مطلب آهي ’درس ڏيندڙ‘. پر انهيءَ نسبت سان لاکا، درس سڏيا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو